IMG-LOGO


  • 08 فيبروري: اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ پاران جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب سنڌ جي اطلاعات ، بلديات ، مذهبي معاملن ۽ ٻيلي کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن کان مڪمل طور تي آگاهه آهي ۽ سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن اظهار هن ڇنڇر ڏهاڙي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي تحت پرنٽ ميڊيا جي مسئلن بابت ڪوٺايل هڪ سيمينارسان خطاب ڪندي ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو جهڙي ريت ان کان پهريان اڳوڻو اطلاعات کاتي وارو صوبائي وزير سعيد غني اخبارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پرخلوص ڪاوشون ڪيون هيون، هو به ان ريت اخبارن سان لاڳاپيل ماڻهن جي مسئلن لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هو پرنٽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي گذارش ڪريان ٿو ته هو حڪومت جي بهترين ڪمن ، سٺي ڪارڪردگي ۽ ڪارنامن کي بلڪل اهڙي ريت نمايان ڪن ۽ پنهنجي اخبارن ۾ جهڙي ريت هو اسانجي ناڪامين، ڪمزورين، غلطين يا ڪوتاهين کي نمايان ڪري سرخين جي شڪل ۾ پنهنجي اخبارن ۾ شايع ڪن ٿا. هن چيو ته حڪومت جي بهتر ڪمن کي پذيرائي ملڻ گهرجي، پر اهو تمام گهٽ نظر اچي ٿو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو اهو ويزن آهي ته سنڌ حڪومت صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو هو چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري طرفان ميڊيا جي مالڪن کي گذارش ڪجي ٿي ته هو ميڊيا سان لاڳاپيل ملازمن بيروزگار نه ڪن ۽ انهن ملازمن جو خيال رکيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته اسانجي ڪوشش رهندي ته بقاجات جلد ادا ڪيا ويندا. اشتهارن جي منصفانه ورهاست جي حوالي سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته اي پي اين ايس جا عهديدار ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙين ۽ ان ڪميٽي جي جيڪي به سفارشات هونديون ان تي 100 سيڪڙو عمل ڪرايو ويندو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته حڪومت ڪڏهن به پسند يا نا پسند جي بنياد تي اشتهارن جاري نه ڪندي آهي. اخبارن جي واجبات جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن جي ڪوشش هوندي ته هن ئي مهيني ۾ سمورا واجبات ادا ڪيا وڃن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه صحافت جي آزادي کي پنهنجي ترجيحات ۾ شامل رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر حڪومتي دور ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ هلندڙ حڪومتي دور ۾ پڻ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي فلاح وبهبود سنڌ حڪومت جي ترجيح رهندي. ان کان پهريان اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين عهديدارن اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير کي صحافين جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان کان علاوه اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران حددخلين کي هٽائڻ بابت سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪمن جي حوالي سان چيو ته سپريم ڪورٽ پاران ان سلسلي ۾ جيڪي حڪم جاري ڪيا آهن انهن تي عمل ڪرايو ويندو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪو به گهر يا عمارت ڪيرائڻ کان پهريان انهن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي متبادل رهائشگاهه فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچي شهر جي آبادي هاڻي پهريان کان ڪيترائي دفعا وڌي ويئي آهي، جنهن ڪري حڪومت کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر سپريم ڪورٽ جو حڪم حڪومت لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. سنڌ جي آئي جي پوليس جي بدلي جي حوالي سان گفتگو ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وفاقي حڪومت غير ضروري طريقي سان ان معاملي کي الجهائي رهي آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي آئي جي پوليس کي صلاح ڏني آهي ته هو موڪل تي هليو وڃي. هن چيو ته ٻين صوبن ۾ اهڙي قسم جي معاملن کي الجهايو نه ويندو آهي پر جيڪڏهن ڳالهه سنڌ جي اچي ٿي ته رويا مختلف ٿي ويندا آهن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته مسلسل سنڌ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو وقت سر مڪمل نه ٿيڻ جووڏو سبب وفاق جو ان سلسلي ۾ فنڊ جاري نه ڪرڻ آهي. هن چيو ته هاڻي به وفاق کي سنڌ لاءِ 130 ارب روپيا جاري ڪرڻا آهن. ڪرونا وائرس سان نمٽڻ جي انتظامن جي حوالي سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ان سلسلي ۾ جناح ، سول ۽ آغا خان اسپتالن ۾ آئسوليشن وارڊز ٺاهيا ويا آهن. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ماڻهن جي هوائي اڏن تي اسڪريننگ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي.

 

هينڊآئوٽ نمبر155


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019