IMG-LOGO


ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مهارت کانسواءِ جديد تعليم حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي: غلام مرتضيٰ بلوچ

ڪراچي 08 فيبروري: سنڌ جي هيومن سيٽلمينٽ ۽ خصوصي ترقي واري وزير غلام مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته هن جديد دور ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کانسواءِ جديد تعليم حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي ۽ نوجوان نسل کي گهرجي ته هو پنٿهنجي مادري ۽ قومي زبان سان گڏوگڏ انگريزي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ پڻ مهارت حاصل ڪن ته جيئن نوجوانن جو مستقبل بهتر ۽ روشن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن کوکرا پار ۾ ڪڇي مسلم ويلفيئر جي اهتمام هيٺ هلندڙ ڪمپيوٽر سينٽر جي دوري دوران شاگردن ۽ استادن سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪمپيوٽر سينٽر جي ڪلاسن ۾ شاگردن کان سوال پڻ پڇيا ۽ شاگردن انهن سوالن جا جواب به ڏنا. ان موقعي تي ويلفيئر جي صدر اسلم واهگير، يوسي چيئرمين پير صديق شاهه، عرفان ڄاموٽ، ماسٽر يوسف ، نعمان ۽ ۽ عبدالڪريم پڻ موجود هئا. صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ وڌيڪ چيو ته ڪڇي مسلم واهگير ويلفيئر جي محنت ۽ شاگردن جي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ تعليم جي دلچسپي تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ڀرپور ترقي کانسواءِ هڪ صحتمند ۽ تعليم يافته معاشرو قائم نه ٿو ٿي سگهي. غلام مرتضيٰ بلوچ شاگردن کي نصيحت ڪئي ته هو پنهنجي تعليم تي مڪمل توجهه ڏين ۽ فضول سرگرمين کان پاسو ڪن. هن چيو ته استادن سان مخاطب ٿيندي چيو ته هو ٻارن تي خاص توجهه ڇو ته نئون نسل قوم جو مستقبل آهي.

 

 

هينڊآئوٽ نمبر154 ايم يو


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019