IMG-LOGO


لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ۽ اسٽريچ ايسوسيئيشن پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان 19 فيبروري 2020 تي سيمينار جو انعقاد ڪيو ويندو : صوبائي وزير عبدالباري پتافي

ڪراچي( فيبروري 16) : سنڌ جي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي ۽ اسٽريچ ايسوسيئيشن پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان 19 فيبروري 2020 تي سيمينار جو انعقاد ڪيو ويندو. جنهن ۾ شترمرغ فارمنگ سان لاڳاپيل ماڻهو هوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي. هن چيو ته شتر مرغ فارمنگ هڪ منافعو ڏيندڙ ڪاروبار آهي. جنهن ۾ سرمائيداري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن. ضرورت ان عمل جي آهي ته عوام ۾ ان جي فائدن بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت شتر مرغ فارمنگ سان لاڳاپيل ماڻهن جي حوصله افزائي لاءِ هي قدم کنيو آهي. ان سلسلي ۾ نجي شعبي کي به اڳتي اچي ڪري حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ گهرجي. واضح رهي ته لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جي انتظام هلائڻ وارو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ ڪورنگي ۾ سيمينار جو انعقاد ڪيو پيو وڃي. سيمينار ۾ معاوضي کانسواءِ رجسٽريشن لاءِ 03003046098 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. سيمينار سان لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي واري صوبائي وزير عبدالباري پتافي سيڪيورٽي لائيو اسٽاڪ اعجاز مهيسر ، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو ۽ صدر اسٽريج ايسوسيئيشن آف پاڪستان پڻ خطاب ڪندو.

 

هينڊ آئوٽ نمبر 204 ايف زيد ايف


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019