IMG-LOGO


 

لاهوتي ميلي جو انعقاد هڪ سٺو قدم آهي: صوبائي وزير عبدالباري پتافي

ڪراچي( فيبروري 16) : سنڌ جي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي واري وزير عبدالباري پتافي چيو ته لاهوتي ميلي لڳائڻ سان ماحوليات جي بهتري لاءِ سٺو قدم آهي ۽ چيو ته اهڙي قسم جا ميلا هر جڳهه ٿيڻ گهرجن. جنهن سان نه صرف ماحول بهتر ٿيندو ان سان گڏوگڏ مسئلن ۾ جڪڙيل عوام کي تفريح جو موقعو ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ منعقد ٽن ڏينهن واري لاهوتي ميلي 2020 جي افتتا حي تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ميلي جي منتظمين موجب هي ميلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو جنهن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي آرٽس جي فن جو مظاهرو ۽ مختلف موضوعن تي پڻ ڳالهائيندو. افتتاحي تقريب سان سياحت ۽ ٽقافت جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه اٽلي جي پاڪستان ۾ مقرر ڪيل قونصل جنرل مس اينا روفينو، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر قاسم سومرو، ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي پاران خطاب ڪيو ويو. ميلي جي باقاعده شروعات ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي. ميلي ۾ ملڪي و غير ملڪي اديب، دانشور، آرٽسٽ ۽ فنڪارن سان گڏ آرٽ ۽ فن جي مداحن مختلف يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ ٻين ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مختلف قسم جي کاڌن ٽقافتي، اسپورٽس ، تصويرن جي نمائش سميت ٻيا اسٽال لڳا يا ويا .

هينڊ آئوٽ نمبر 203 ايف زيد ايف

 

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019