IMG-LOGO


سنڌحڪومت لاڳاپيل اسٽيڪ ھولڊرس سان گڏجي صحت جون سھولتون مھيا ڪري رھي آھي. مرتضي بلوچ

 

 

ڪراچي 16 فيبروري: سنڌ جي ھيومن سيٽلمينت کاتي واري وزير وزير غلام مرتضي بلوچ چيو آهي ته سنڌ حڪومت لاڳاپيل اسٽيڪ ھولڊرس سان گڏجي صوبي جي عوام کي بھتر سھولتون فراھم ڪرڻ ۾ ڪوشان آهي ۽ ترجيحي بنيادن تي ان شعبي ۾ بھتري آندي پئي وڃي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن سنڌ حڪومت ۽ آغا خان يونيورسٽي اسپتال جي گڏيل سهڪار سان پاڪستان لائيف سيورز پروگرام جي عنوان سان منعقد ڪيل سيمينار ۾خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ پارلياماني سيڪريٽري بلديات رڪن سنڌ اسيمبلي سليم بلوچ، آغا خان يونيورسٽي جي پروفيسرز سميت ڊاڪٽرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ زندگي بچائڻ پيشنٽ لائيف سيونگ مريض کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت سموري پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليز ۽ يونيورسٽيز ۾ تربيت ڏيڻ تي بريفنگ ڏني وئي. صوبائي وزير براء انساني بستيون غلام مرتضي بلوچ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سموري صوبي جي عوام لاءِ صحت جي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪري رھي آھي. آغا خان سميت ٻين ادارن سان پڻ سھڪار ڪندي سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ عوام جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي ھر ممڪن ڪوشش آهي ته صوبي جي گهٽ ترقي وارن علائقن ۾ به صحت جون سھولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ اھو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سنڌ ڪافي غير سرڪاري تنظيمن سان گڏجي انھن کي سھولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رھي

  •  

 

 

 

ھينڊ آئوٽ نمبر 202 ايم يو

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019