IMG-LOGO


 

سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شهناز انصاري جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندا سين: اطلاعات ۽ بلديات کاتي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

شهناز انصاري جي ملڪ ۽ پارٽي لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، ٽي ڏينهن سوڳ دوران سياسي سرگرميون معطل رهنديون: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي 15 فيبروري: سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شهناز انصاري جو قتل انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو آهي. قاتلن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندا سين. شهناز انصاري جون ملڪ ۽ پارٽي لاءِ قربانيون ۽ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون شهناز انصاري جي وفات تي پيپلز پارٽي ٽن ڏينهن لاءِ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته ٽن ڏينهن جي سوڳ دوران پارٽي جون سياسي سرگرميون معطل رهنديون سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعليٰ سنڌ پڻ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي قتل جو سخت نوٽس ورتو آهي ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري طور تي ايڪشن کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شهناز انصاري جي قتل جي مڪمل انڪوائري ڪئي ويندي. هن چيو ته جوابدار قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا. جڏهن ته هن ڳالهه جي پڻ تحقيقات ڪئي ويندي ته واقعي ۾ ڪير ڪير ملوث آهي. هن چيو ته ابتدائي اطلاع موجب خانداني طور تي ڪجهه مسئلا هئا، پوليس پنهنجو ڪم ڪري رهي، تحقيقات جي نتيجي ۾ سموريون حقيقتون سامهون نظر اچي وينديون اڄ تائين جي اطلاع موجب هن واقعي ۾ رشتيدار ملوث آهن.

 

هينڊآئوٽ نمبر 199 ايم ايس ايس


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019