IMG-LOGO


ڪراچي 15 فيبروري: سنڌ جي هيومن سيٽلمينٽ ۽ خصوصي ترقي کاتي واري وزير غلام مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته مسلسل محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙا ڪامياب ماڻهو معاشري جو ڪارائتو حصو ثابت هوندا آهن ۽ ٻين لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير نيشنل پريس ڪلب پاران گلشن حديد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ملير جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر مير اعجاز ٽالپر جي اعزاز ۾ منعقد ڪيل تقريب مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ پنهنجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. تقريب ۾ ملير جو جنرل سيڪريٽري ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، امداد جوکيو، آغا طارق پٺاڻ، ابوبڪر ميمڻ مجاهد جوکيو، صدر نيشنل وحيد مراد سيال، پارٽي جي ڪارڪنن سميت صحافين ، وڪيلن ۽ سياسي و سماجي شخصيتين شرڪت ڪئي. تقريب سان خطاب ڪندي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل کي گهرجي ته هو بهتر مستقبل لاءِ تعليم ۽ هنر حاصل ڪرڻ تي ڀرپور توجهه ڏين ۽ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن. ان کان علاوه گذريل رات حاجي آدم طرفان ملير ۾ مفتي منيب الرحمان جي اعزاز ۾ ڊنر جي تقريب ڪرائي وئي. تقريب ۾ هيومن سيٽلمينٽ ۽ خصوصي ترقي واري صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر غلام مرتضيٰ بلوچ، مفتي محمد جان نعيمي، نذير جان نعيمي سميت معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.

 

هينڊآئوٽ نمبر 198


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019