IMG-LOGO


ڪراچي 22 فيبروري: سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي قانون، ماحوليات ۽ ساحلي ترقي واري صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته فياض الحسن چوهاڻ جهڙا ماڻهو بيان بازي جي لاءِ ڪرائي تي دستياب هوندا آهن. هن جو ماضي جماعت اسلامي، حال پي ٽي آءِ ۽ مستقبل ٽانگه پارٽي ۾ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي عوام جي حمايت ٽيون دفعو اقتدار ۾ آئي آهي. فياض الحسن چوهاڻ جي موجوده پارٽي ڪنهن جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار حاصل ڪيو اهو دنيا ڄاڻي ٿي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب فياض چوهاڻ سان مخاطب ٿنيدي چيو ته توهان جي جماعت سليڪٽ ڪئي وئي آهي، ان تي توهان کي ٿورڙو به شرم نه ٿو اچي. هن چيو ته بدزباني ۽ الزام تراشي فياض چوهاڻ جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. فياض چوهاڻ جي منهن بغل ۾ شري ۽ منهن تي رام رام هوندو آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته فياض چو هاڻ جي سياست جي شروعات ٽڪ ٽاڪ ۽ اختتام بدزباني تي هوندو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هن ملڪ جو روشن مستقبل آهي. بلاول ڀٽو زرداري واحد ليڊر آهي جيڪو ملڪ کي معاشي دلدل مان ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ليڊر عمران نيازي ڏيڍ سال گذرڻ باوجود ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. هن چيو ته چوهاڻ صاحب اٽي ۽ کنڊ چورائيندڙن جو ساٿي آهي. پهرئين ڏينهن کان روئڻ ۽ يوٽرن جي سياست توهان جو موجوده ليڊر ڪئي. پي ٽي آءِ ملڪ جو ڪهڙو حشر ڪيو. هن جيڪڏهن عوام ۾ وڃي ته هنن کي خبر پئجي ويندي. صرف ڏيڍ سال عوام توهان جي ناڪام طرز حڪمراني کان بيچيني جو شڪار ٿي ويو آهي. فياض چوهاڻ کي ٻين ڪمن ۾ خاميون نظر اچي رهيون آهن فياض چوهاڻ جي بدحواسي گواهه آهي ته هنن جي اقتدار جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن.

هينڊآئوٽ نمبر 231 ايم آءِ زيڊ


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019