IMG-LOGO


ڪراچي 22 فيبروري: سنڌ جي وڏي وزير جي جيلن ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار ميراعجاز جکراڻي چيو آهي ته ڪراچي مان منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت پاران سنجيده ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته ڪورنگي ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف گرينڊ آپريشن لاءِ وزيراعليٰ سنڌ جي سامهون معاملو رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ڪورنگي ضلعي ۾ منعقد ڪيل کليل ڪچهري سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي پيرنورالله قريشي، ضلعي ڪورنگي جو ڊپٽي شهريار ميمڻ ، ايس ايس پي ڪورنگي کان علاوه واٽر بورڊ، ڪي_ اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. کليل ڪچهري جي موقعي تي عوام کليل دل سان پنهنجا مسئلا ٻڌايا. صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي عوام جي مسئلن کي ٻڌڻ کانپوءِ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ موقعي تي ئي هدايت جاري ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي صلاحڪار ميراعجاز جکراڻي چيو ته ڪراچي ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪورنگي ضلعي ۾ هاڻي منشيات فروشي جي شڪايت نه ملڻ گهرجي. جڏهن ته منشيات جي شڪايت تي لاڳاپيل پوليس آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ ان کان علاوه عوام طرفان نشاندهي ڪرڻ تي صوبائي صلاحڪار چيو ته ڪورنگي ضلعي ۾ پاڻي جي فراهمي، سيوريج ، روڊن رستن جي صفائي جي سلسلي ۾ صوبائي صلاحڪار هدايت ڏيندي چيو ته جيڪي آفيسر شڪايتن جو ازالو نه ڪندا انهن کي معطل ڪيو ويندو. صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي وڌيڪ چيو ته پي ٽي جي نمائندن جي هن کليل ڪچهري ۾ شرڪت نه ڪرڻ انهن جي غير سنجيدگي جو ثبوت آهي. هن چيو ته هن علائقي مان چونڊجڻ باوجود هو هتي نظر نه ٿا اچن. جڏهن ته اسين عوام جي مسئلن کي ٻڌڻ عوام وٽ پهچون ٿا. مير اعجاز جکراڻي چيو ته هاڻي پي ٽي آءِ جو ڪم بس اهو رهيو آهي ته هو اسان جي طرفان ڪرايل ڪمن تي پنهنجي تختي هڻڻ لاءِ ايندا آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ کي کليل ڪچهري ۾ سامهون ايندڙ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته هن ڪورنگي ۾ هلندڙ ميڊيڪل ڪاليج جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي آهي. ان موقعي تي معاون خصوصي پير نورالله قريشي پڻ خطاب ڪيو.

هينڊآئوٽ نمبر232 اي وي


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019