IMG-LOGO


ڪراچي 06 مارچ: سنڌ جي عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪري انهن کي معاشري ۾ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ سان ملڪي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي وڌيڪ موثر بڻائي سگھجي ٿو. اها ڳالھ هن نارويجن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر اين ماسٽرسن جي سربراهي ۾ آيل وفد سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جيمز جان ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ فائونڊيشن جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر اشفاق سومرو سميت ٻيا موجود هئا. عورتن جي ترقي واري کاتي جي تحت ڪيترائي پروگرام جاري آهن جن جو ثمر عورتن تائين پهچي رهيو آهي. هنرمند عورتن جي شين جي مارڪيٽ تائين رسائي آسان بڻائڻ جي لاءِ عورتن جي ترقي واري کاتي ڪيترن ئي ميلن جو انعقاد ڪرايو ته جيئن عورتن کي پنهنجي شين جي جائز قيمت ملڻ سان گڏوگڏ ڪاروباري رابطا قائم ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿين. صوبائي وزير چيو ته عورتن جي ترقي وارو کاتو عورتن جي فلاح لاءِ ڀرپور اُپاءَ وٺي رهيو آهي ان ڏس ۾ کاتي جي تحت ڪمپلينٽ سيل قائم ڪيا ويا آهن جتي عورتن جي هر وقت دادرسي لاءِ 1094 نمبر تي رابطو ڪري سگھجي ٿو. کاتي پاران قانوني ۽ مالي معاونت سان گڏوگڏ علاج معالجي جي سهولت به فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عورتن کي معاشي طور خودمختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ واري جاين تي هيسائڻ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪئي آهي. جنهن سان نوڪري ڪندڙ ماڻهن جي ڀرپور مدد ٿي رهي آهي ته جيئن روزگار حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن کي ختم ڪري سگھجي. صوبائي وزير چيو ته ان قانون سازي جي تحت مختلف کاتن ۽ خانگي ادارن ۾ قائم ڪميٽي ان ڳالھ کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ڪنهن به ملازم سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي نه ٿئي ان موقعي تي موجود ڪنٽري ڊائريڪٽر اين ماسٽرسن پنهنجي اداري پاران عورتن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن جي باري ۾ صوبائي وزير کي تفصيل سان آگاھ ڪيو ۽ مستقبل ۾ ۾ عورتن جي ترقي واري کاتي سان گڏيل ورڪنگ رليشنز جي معاملن تي ڳالھ ٻولھ به ڪئي.

هينڊ آئوٽ نمبر 268

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019