IMG-LOGO


  • 07 مارچ:سنڌ جي اطلاعات، مڪاني ادارن، هائوسنگ ٽائون جھنگلات ۽ جھنگلي جيوت واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه صحافت جي آزادي ۽ عورتن جي حقن لاءِ نه صرف عملي جدوجهد ڪئي آهي پر ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته نه صحافت جي آزادي تي پابندي لڳائي وڃي ۽ نه ئي عورتن جي حقن کي پامال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏهاڙي پاڪستان ڪائونسل ميڊيا وومين تحت ڪوٺايل هڪ سيمينارسان بطور مهمان خاص خطاب ڪندي ڪيو. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته هن جڏهن به عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ته ان ۾ اهي عورتون پڻ شامل جيڪي صحافتي شعبي سان لاڳاپيل آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصرحسين شاهه چيو ته هن جو اهو مڃڻ آهي ته جهڙي ريت شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ملڪ خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو اهڙي ريت صحافي عورتون اسان جي معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هن کي جئين اطلاعات کاتي جو قلمدان ڏنو ويو ته هن فوري طور تي صحافين سان ملي نه صرف هنن جا مسئلا ٻڌا پر انهن مسئلن جي فوري حل لاءِ حڪم پڻ جاري ڪيا. عورت صحافين کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت خاص طورتي اطلاعات کاتو عورت صحافين سان مڪمل سهڪار جاري رکندو ۽ انهن جي هر مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته عورت صحافين جي پروفيشنل تربيت لاءِ پڻ بندوبست ڪيو ويندو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پهريان ئي ميڊيا جي ادارن جي ادائگي ۽ انهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ۽ ٻين ملازمت جي سيڪيورٽي ۽ پگهارن جي ادائگي سان منسلڪ ڪيو آهي. ان دوران صحافين سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هن کي عمارت ڪرڻ جي واقعي ۾ بيگناهه فوتگين تي دلي صدمو رسيو آهي. هن چيو ته عمارت جو ملبو تقريبا کنيو ويو آهي ۽ ذميوار ماڻهن خلاف سخت سزا ڏيڻ خاطر وزيراعليٰ سنڌ پهريان ئي هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته ان معاملي ۾ ملوث ماڻهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڪافي عرصي اهڙيون سموريون عمارتون جن جي حالت خراب ٿي چڪي آهي انهن جي مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن. صوبائي وزير چيو ته تمام جلد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عليحده عدالتون قائم ڪيون وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي مختلف منصوبن لاءِ رکيل 162 ارب روپيا جلد جاري ڪري ته جيئن صوبائي حڪومت جي سهڪار سان جلد هي منصوبا مڪمل ڪري سگهجن. هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته بلدياتي ادارن جا اختيار جون ڳالهيون ڪندڙ ماڻهن کي اهو نظر نه ٿو اچي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ته مڪاني ادارا ئي ڪو نه آهن.

هينڊ آئوٽ نمبر 277


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019