IMG-LOGO


هلندڙ مالي سال ۾ فيبروري تائين 54038.241 ملين روپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو: مڪيش ڪمار چاولا

ڪراچي 07 مارچ: سنڌ جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات ۽ پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته هلندڙ مالي سال م جولاءِ 2019 کان فيبروري 2020 تائين مختلف ٽيڪسز جي مد ۾ مجموعي طور تي 54038.241 ملين روپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار ٽيڪسز جي وصولي سان لاڳاپيل پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي واري سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ڊي جي شعيب احمد صديقي ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات شعيب احمد صديقي ٻڌايو ته گذريل مالي سال دوران ان مدت ۾ 49080.532 ملين روپيا وصول ڪيا ويا هئا. جڏهن ته موٽر وهيڪل ٽيڪس جي مد ۾ 4770.480 ملين روپيا وصول ڪيا ويا. انفرا اسٽرڪچر جي مد ۾ 43060.451 ملين روپيا ۽ پروفيشنل ٽيڪس جي مد ۾ 451.461 ملين روپيا وصول ڪيا ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪاٽن فيس جي مد ۾ 197.059 ملين روپيا، جائداد ٽيڪس جي مد ۾ 1773.004 ملين روپيا وصول ڪيا ويا هئا. اجلاس سان خطاب ڪندي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ هاڻي تائين ٽيڪسز جي مد ۾ مجموعي صورتحال بهتر آهي ۽ اميد آهي ته هلندڙ مالي سال جي ختم ٿيڻ کان اڳ اسان کي 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس جا هدف حاصل ڪرڻا آهن. ايڪسائيز کاتي واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پاران آفيسرن جي حوصله افزائي ڪندي چيو ته محنت ۽ لگن سان اسان پنهنجا هدف آساني سان حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ هنن کي يقين آهي ته آفيسر پنهنجي ذميداري احسن طريقي سان ادا ڪندي پنهنجي ٽيڪسز جا هدف حاصل ڪندا.

هينڊ آئوٽ نمبر 279 ايم يو


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019