IMG-LOGO


سنڌ حڪومت جو ريلوي واري وزارت کان صوبي ۾ ريلوي ڦاٽڪن تي گيٽ لڳرائڻ جو مطالبو

صوبي جي 30 کان وڌيڪ ريلوي ڦاٽڪن تي گيٽ ئي ناهن لڳل ۽ نه ئي ڪو عملو موجود آهي،ريلوي انتظاميا جي نااهلي سبب پنجاهه کان وڌيڪ حادثا ٿي چڪا آهن.اسماعيل راهو

ملڪ ۾ تقريبن 2 هزار کان وڌيڪ ريلوي ڦاٽڪن کي گيٽ ناهن لڳل ۽ نه ئي وري عملو موجود آهي،اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ريلوي واري وزارت کان صوبي ۾ ريلوي ڦاٽڪن تي گيٽ لڳرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته صوبي جي 30 کان وڌيڪ ريلوي ڦاٽڪن تي گيٽ ناهن لڳل ۽ نه ئي عملو موجود آهي، ريلوي واري وزارت جي نااهلي جي ڪري پنجاهه کان وڌيڪ حادثا ٿي چڪا آهن. صوبائي وزير اسماعيل راهو وڌيڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ حڪومت ريلوي کاتي ۽ شيخ رشيد کي ڪيتراي ڀيرا ڦاٽڪن تي گيٽ لڳرائي ڏيڻ جو چئي چڪي آهي پر ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪڏهن هاڻ ڪو حادثو ٿيو ته ان جو ذميوار شيخ رشيد ۽ ريلوي انتظاميه هوندي، شيخ رشيد ريلوي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اسٽيشنون بند ڪيون ويون آهن،ريلوي ڦاٽڪن تي گيٽس لڳرائڻ صوبن جو نه پر وفاق جو ڪم آهي، ريلوي واري وزارت حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن کي معاوضو به نه پئي ڏئي.هن چيو ته ملڪ ۾ تقريبن 2 هزار کان وڌيڪ ريلوي ڦاٽڪن کي گيٽ ناهن لڳل ۽ نه ئي وري عملو موجود آهي، ملڪ ۾ ڦاٽڪن جو ڪميونيڪيشن نظام ناڪاره ٿي ويو آهي انهي ڪري حادثات به وڌي ويا آهن،شيخ رشيد جاهليت وارا بيان ڏيڻ بجاءِ ڪڏهن پنهنجي وزارت ۾ به ڪم ڪري.


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019