IMG-LOGO


شهري غير قانوني اڏاوتن جي شڪايت هيلپ لائن 1093 تي درج ڪن، بلديات وارو وزير

غير قانوني اڏاوتن جي خلاف ايڪش جي نتيجي ۾ 900 کان وڌيڪ اسٽرڪچر ڪيرايا ويا آهن، غير قانوني اڌاوتن تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو لاڳاپيل آفيسر معطل ٿيندو ۽ قانوني ڪارروائي ٿيندي. سيد ناصر حسين شاھ

ڪراچي (9 مارچ 2020) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته جن علائقن ۾ غير قانوني تعميرات هونديون سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو لاڳاپيل انچارج يا آفيسر معطل ٿيندو ۽ قانون ڪارروائي ٿيندي ۽ سندس خلاف ايف آئي آر به داخل ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتن ۽ ڪراچي شهر جي مختلف وفدن سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو ان موقعي تي سيڪريٽري بلديات روشن علي شيخ به موجو هو وزير اطلاعات چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي هدايت تي غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 28 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ايف آئي آر به داخل ڪرايون ويون آهن. ماڻهن جي جان ۽ مال سان ڪنهن کي به کڏڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي. اسان کي ماڻهن جي جان انتهائي عزيز آهي. وزير اعليٰ سنڌ جي هدايت تي غير قانوني اڏاوتن ۾ملوث آفيسرن ۽ بلڊرز جي خلاف ايڪش جاري رهندو، اڃ تائين غير قانوني اڏاوتن جي خلاف ايڪشن جي نتيجي ۾ 900 کان وڌيڪ اسٽرڪچر ڪيرايا ويا آهن، جڏهن ته پوري شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن جي خلاف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جون ڪارروائيون جاري آهن. وزير بلديات وڌيڪ چيو ته غير قانوني اڏاوتن کي روڪڻ ۽ نگراني جي سلسلي ۾ ويجلنس ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ بلديات کاتي ۾ شڪايتي مرڪز هيلپ لائن به قائم ڪئي وئي آهي ان ڪري شهري غير قانوني اڏاوتن جي سلسلي ۾ پنهنجون شڪايتون هيلپ لائن نمبر 1093 تي داخل ڪرائين سندن نالو راز ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته انهن جي شڪايت تي غير قانوني اڏاوتن جي خلاف نه فقط موثر ڪارروائي ڪئي ويندي پر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاڳاپيل آفيسر جي خلاف به ايڪش روتو ويندو. بلديات واري وزير چيو ته رضويٰ سوسائٽي ۾ عمارت ڪرڻ جو واقعو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته وزير اعليٰ جي هدايت تي ڪمشنر ڪراچي رضويٰ سوسائٽي گوليمار ۾ واقعي جميل فاطمه بلڊنگ ڪرڻ جي ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا عمارت ڪرڻ جي سبب جو پتو لڳائي ذميوارن جو تعين ڪري ان جي رپورٽ وزير اعليٰ کي پيش ڪندي ۽ ان تي قانون موجب سزائون ڏنيون وينديون.

 

 

هينڊ آئوٽ نمبر 284


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019