IMG-LOGO


 

ڪراچي مارچ 09: سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون، ماحوليات واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ترجيحن ۾ سنڌ صوبو شامل ناهي وزير اعظم ۽ ان جي قيادت اڃان تائين اهل سنڌ سان ڪيل واعدو وفا ناهي ڪيو. هن چيو ته حيدرآباد ۾ پبلڪ يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪئي هڪ سال گذري ويو آهي، پر اڃان تائين ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ وفاقي بجيٽ ۾ ڪا به رقم ناهي رکي وئي هن چيو ته وزير اعظم جو ڪراچي جي لاءِ 162 ارب روپين جي ترقياتي پئڪيج جي ڳالھ به هوائي ڳالھ ثابت ٿئي ۽ ان تي ستم اهو آهي ته تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت گمراھ ڪندڙ بيان سان سنڌ جي عوام ۾ ڪنفيوزن پکيڙي رهي آهي. هن چيو ته تحري انصاف جي مقامي قيادر ڪراچي جي رهاڪن سان مستل ڪوڙ ڳالهائي سياسي پبلسٽي حاصل ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس جو سهارو وٺندي آهي جڏهن ته انهن جي سياسي ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي هوندي هو پنهنجو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ مستقل ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ڇو ته سنڌ ڪوڙ ان وقت پڪڙيو ويندو آهي جڏهن ته ليڊر انگ اکرن بابت الڳ الڳ بيان ڏيندو آهي. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان گذريل حڪومت جي ترقياتي ڪنصوبن جو ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ منصوبن تي تختيون لڳرائيندو آهي. ۽ ان جو افتتاح گورنر ڪندو آهي ڇو تٿه وزير اعظم کي احساس آهي ته هو عوامي رد عمل کي منهن نٿو ڏئي سگھي. هن چيو ته تحيرڪ انصاف جي قيادت پاڻ ۾ وڙهي رهي آهي انهن جا ليڊر پاڻ ۾ دست گريبان آهن هو معمولي ڳالهين ۾ مغلضات جو سهارو وٺندا آهن ۽ بعد ۾ ڪارڪن پاڻ ۾ وڙه ندا آهن ڇو ته اها ان اهل جماعت سياسي انتشار جو مرڪب آهي انهن جو يقين لٽ ڦر ۽ ماڻهن کان ڇنڻ آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ”علامه“ حضرات سمجھن ٿا ته ٽي لائي اور ڪراچي وارن لاءِ عمران خان جو تحفو آهن. اهي اهو چوندي ڀلجي ويندا آهن ته اهي منصوبا گذريل حڪومتن شروع ڪيا هئا جن تي اڃ اهي فيتا ڪٽدنا نظر اچي رهيا آهن. تحيرڪ انصاف ڏيڍ سال ۾ ڪا به عملي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري فقط ڳالهيو ڪرڻ ۽ ٻين تي الزام لڳائڻ ئي سندن اصل ڪم آهي. هن چيو ته ميئر ڪراچي کي جيڪي 5 ارب روپيا ڏيڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي جڏهن ميئر ڪراچي کان ان بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته ان ڏس ۾ کيس هڪ روپيو به ناهي مليو. فائر برگيڊ کي فائر ٽينڊر ڏيڻ جو به ڪوڙ ڳالهايو ويو پر وفاقي حڪومت کان اڄ تائين هڪ به فائر ٽينڊر ناهي مليو هن چيو ته اين ايف سي جي ڏس ۾ 155.8 ار روپيا اڃ تائين وفاق سنڌ حڪومت کي ناهين ڏنا جنهن جيڪري سنڌ جا ترقياتي منصوبا پٺتي پيل ۽ سستي جو شڪار آهن جنهن جي مڪمل ذميواري تحريڪ انصاف جي قيادت تي لاڳو ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ماضي ۾ جن ماڻهن جي حڪمراني رهي آهي انهن ماڻهن ئي ڪراچي کي تباھ ڪيو چائنا ڪٽنگ ۽ خيراتي پلاٽن کي وڪرو ڪيو اسان سڀ ڄاڻيون ٿا. هاڻ پيپلز پارٽي تي الزام لڳائي پنهنجو پاڻ کي صاف ڪري رهيا آهن.

 

هينڊ آئوٽ نمبر 282

 

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019