IMG-LOGO


 

سرڪيولر ريلوي ٽريڪ کي ڪليئر ڪرڻ لاء شھر جي مختلف علائقن۾ 24 اندر پاس ۽ فلائي اوور ٺاھڻ لا۽ ڪميٽي قائم.

ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي رائيٽ آف وي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ فينسگ ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه

ڪراچي (9 مارچ 2020) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ۾ ڪراچي سرڪيولر ريلوي بابت جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ محمد وسيم، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ غلام عباس، ڊي ايس ريلويز نصار احمد ميمڻ سميت لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي ٽريڪ تي ڪيترائي روڊ ٺھي ويا آھن ھاڻ سرڪيولر ريلوي جي بحالي ۽ ريلوي ٽريڪ کي ڪليئر ڪرڻ لاء شھر جي مختلف علائقن۾ 24 اندر پاس ۽ فلائي اوور ٺاھڻا پوندا. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه ريلوي ٽريڪ جي بحالي لا۽ انڊر پاس ۽ فلائي اوور ٺاھڻ لا۽ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ ڪميٽي کي حڪم ڪندي چيو تہ 20 مارچ تي ڊرون سروي رپورٽ ۽ فزيبلٽي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو تہ ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي رائيٽ آف وي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ريلوي زمين تي فينسگ ڪئي وڃي. ھن سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي ھدايت ڪئي تہ فينسگ لاءِ 3 ڏينھن ۾ ٽينڊر جاري ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪيولر ريلوي کي شھر جي اھم بازارن سان ملائڻ لاءِ اسٽيشن کان مارڪيٽ تائين بس سروس پڻ ھلائي ويندي. چيف سيڪريٽري پاران چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ کي ھدايت ڪئي وئي تہ سرڪيولر ريلوي جي اسٽيشن جي آس پاس روڊ انفراسٽرڪچر جي بھتري لاءِ اسڪيم تيار ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ڊي ايس ريلويز ٻڌايو ته اردو يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي اسٽيشن وٽ اڄا به انڪروچمينٽ آھي جنھن تي چيف سيڪريٽري پاران ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچي کي ھدايت ڪئي تہ انڪروچمينٽ کي هٽايو وڃي. چيف سيڪريٽري 20 مارچ تي ٻيھر اجلاس طلب ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ ٽريڪ جي سروي، انڊرپاس ۽ بائي پاس جي فزيبلٽي رپورٽ، فينسنگ جو ٽينڊر ۽ انڪروچمينٽ جي خاتمي بابت جائزو ورتو ويندو.

 

 

هينڊ آئوٽ نمبر 283


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019