IMG-LOGO


  • (9 مارچ 2020) آبڪاري ۽ محصولات، منشياٽ ٽوڙ ۽ پارليماني معاملن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي منشيات وڪرو ڪندڙن يج خلاف جاري ڪارروائين ۾ ايڪسائيز پوليس روهڙي هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب ايڪسائيز انسپيڪٽر محمد يعقوب جاگيراڻي ۽ بشير احمد پٺاڻ پنهنجي ٽيم سان گڏ روهڙي چيڪ پوسٽ تي ٽرڪ نمبر سي 4292 جي تلاشي جي دوارن 1200 ڪلو گرام ڀنگ هٿيڪي ڪري ٻن ڏوهارين قيصر عباس، تنويز حسين کي گرفتار ڪري اسمگلن ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي کي قبضي ۾ ڪري ورتو. ڏوهارين جي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن عبدالحليم شيخ، ۽ ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي ڪامياب ڪارروائي تي مبارڪون پيش ڪيون. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پنهنجي بيان ۾ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائين سان انهن جي حوصلا شڪني ٿيندي ۽ نوجون نسل کي منشيات جي زهر کان محفوظ رکڻ ۾ ايڪسائيز کاتي جون ڪوششون ساراھ جوڳيون آهن.

 

 

هينڊ آئوٽ نمبر 284


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019