IMG-LOGO


ڪراچي (9 مارچ 2020) سنڌ جي انساني وسندين ۽ خصوصي ترقي واري صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده آهي ۽ هر سطح تي مسئلا حل ڪيا پيا وڃن جنهن جو واضع مثال پوري صوبي ۾ کليل ڪچهرين جو انعقاد آهي. اها ڳالھ هن پنهنجي تڪ پي ايس 88 ڪنٽونمينٽ بورڊ پنڪ وليج اچڻ جي موقعي تي ماڻهن سان ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ جو پنڪ وليج جي رهاڪن شاندار استقبال ڪيو. صوبائي وزير ان موقعي تي علائقي جي معززين سان به ملاقات ڪئي. پنڪ وليج جي رهاڪن صوبائي وزير کي علائقي جي مسئلن بابت آگاھ ڪيو. صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ اتي موجود ماڻهن کي يقين ڏياريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي پنڪ وليج جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان خدمت جو عزم کڻي آيا آهيون ۽ هميشه عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي قيادت ۾ سنڌ ڪابينا جا ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر عوام جي فلاح ۽ ڀلائي ۾ مصروف عمل آهن.

 

هينڊ آئوٽ نمبر 285


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019