IMG-LOGO


  • (9 مارچ 2020) سنڌ جي صنعت، واپار، گڏيل امداد ۽ بدعنواني ٽوڙ کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته وفاقي حڪومت اٽي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ڪندڙن کي پنهنجي صفن ۾ ڳولهي انهن جي خلاف ڪارروائي ڪري ته جئين عوام سک جو ساھ کڻي. اها ڳالھ هن پنهنجي دفتر ۾ مختلف وفدن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين جيڪري صنعتون زوال جو شڪار آهن جنهن بيروزگاري جي طوفان کي جنم ڏنو آهي ۽ هڪ محتاط سروي موجب وفاقي حڪمرانن جي پاليسين جي ڪري هينئر تائين هڪ لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام جو معاشي قتل عام ڪري رهي آهي جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي. معاشي بدحالي جو شڪار عوام پاڪستان پيپلز پارٽي ڏانهن اميد جي نظر سان ڏسي رهيو آهي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته ڪراچي لاءِ اعلان ڪيل وفاقي حڪومت جا منصوبا فقط ڪاغذي ڪارروائي آهن ۽ انهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان مخلص آهي ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام لاءِ هميشه روزگار جا در کوليا آهن جڏهن ته وفاقي حڪومت عوام کان روزگارکسي رهي آهي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عام ماڻهو جي ترقي تي يقين رکي ٿي. عام ماڻهو خوشحال هوندو ته ملڪ ترقي ڪندو. سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ صعتن جو ڄار وڇايو وڃي ته جيئن روزگار جا موقعا ميسر اچن.

 

هينڊ آئوٽ نمبر 286


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019