IMG-LOGO


 

اقليتن جي معاملن واري صوبائي وزير پاران جهمپير واقعي جو نوٽيس؛ ايس ايس پي ٺٽو کي واقعي جي اڻ ڌري جانچ ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (10مارچ 2020): اقليتن جي معاملن واري صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال جهمپير ۾ هولي جي تهوار واري ڏهاڙي تي ڪولهي برادري جي عورت سومري ڪولهي ۽ سندس چئن معصوم ٻارڙن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي، ايس ايس پي ٺٽو سان فون تي رابطو ڪيو ۽ کائنس واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. صوبائي وزير پوليس کي هدايت ڏني ته واقعي جي اڻ ڌري جانچ ڪري ملوث جوابدارن کي وائکو ڪري، کين سخت سزا ڏياري وڃي. صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال چيو ته مذهبي تهوار واري ڏهاڙي دل ڏاريندڙ واقعو ٿيو آهي، ان جي سخت مذمت ڪيان ٿو. هن متاثر خاندان جي پوئنرن کي خاطري ڪرائي آهي ته کين انصاف ڏياريو ويندو.

 

هينڊ آئوٽ نمبر 288 ( ايف ايڇ بي)

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019