IMG-LOGO


 

سنڌ حڪومت وفاق کان پيٽرول 30 روپيا سستو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حڪومت 28 روپيا في ليٽر خريد ڪري عوام کي 111 روپين ۾ وڪرو ڪري رهي آهي،اسماعيل راهو

عالمي منڊي ۾ پيٽرول 20 سيڪڙو کان به وڌيڪ سستو ٿيو آهي،وفاق 30 روپيا سستو ڪري.اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت وفاق کان پيٽرول 30 روپيا سستو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاق پيٽرول جي قيمت ۾ فورن 30 روپيا سستو ڪري ۽ عوام کي رليف ڏئي. زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وڌيڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 20 فيصد کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جو فائدو ملڪ جي عوام کي ناهي مليو.وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ کان آّخر ڇو گهبرائي رهي آهي، حڪومت 28 روپيا في ليٽر خريد ڪري عوام کي 111 روپين ۾ وڪرو ڪري رهي آهي،نيازي سرڪار عوام کان 80 روپين کان وڌيڪ پيٽرول تي ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيٽرول تي ايڏي وڏي ٽيڪس وٺڻ عوام سان ظلم آهي، عالمي منڊي ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ 70 روپيا في ليٽر هجڻ گهرجي پر بني گالا وارا عوام کي رليف ڏيڻ کان لڪي رهيا آهن،عمران خان ملڪ تي عذاب آهي،پاڪستان ايشيا جو ٻيو نمبر مهانگو ترين ملڪ بڻجي چڪو آهي، پيٽرول سستو ٿيڻ سان ملڪ جي معيشت ۾ بهتري ۽ مهانگائي گهٽجي ويندي.اسماعيل راهو چيو ته سپرئيم ڪورٽ 2013 ۾ تيل تي ٽيڪس منسوخ ڪيا هئا، سپرئيم ڪورٽ چيو هو ته پارليمان مان منظور ڪرايو وڃي، حڪومت عدالت جي فيصلي خلاف وڌيڪ ٽيڪس لڳايا آهن، ڇا عدالت حڪومت جي ان چوري جو سوموٽو وٺندي؟.


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019