IMG-LOGO


 

ڪراچي( 14 مارچ 2020)؛ سنڌ جي اطلاعات، مڪاني ادارن، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ، مذهبي معاملن، ٻيلن ۽ جھنگلي حيات واري وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته في الحال صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي پر وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هنگامي صورتحال ۾ خوراڪ جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. صوبائي وزير چيو ته هي حڪم ان لاءِ جاري ڪيا ويا آهن ته جيڪڏهن ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ته دنيا ۾ ٻين ملڪن جن ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جي تعداد ۾ مسلسل واڌ پيدا ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن فوري طور تي ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت پوي ته صوبي جي ماڻهن کي خوراڪ جي حوالي سان مشڪل پيش نه اچي ۽ انهن فوري طور تي کاڌ خوراڪ جون شيون مهيا ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏهاڙي وزيراعليٰ سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ صحافين کي اطلاع ڏيندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي ۽ صلاحڪارن کان علاوه سموري صوبي ڪمشنرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي صدارت هيٺ ٿيل ملڪ جي صوبن جي وڏن وزيرن جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ جي حوالي سان تفصيلي غور و فڪر ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته ان حوالي سان سنڌ حڪومت صحت متعلق هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، جن موجب ڪنهن به وڏي اجتماع نه ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪئي، جن اجتماعن ۾ شادي هالن ۾ ٿيندڙ شادي جي پروگرامن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ اجتماع پڻ شامل آهن. سيد ناصر حسين شاهه اميد ظاهر ڪئي ته جلد صورتحال معمول موجب اچي ويندي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته جيڪو به ماڻهو ڪرونا وائرس مان متاثر هوندا اهي صحتياب ٿي ڪري پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن. سيد ناصر حسين شاهه تفتان کان سکر پهچڻ وارن مسافرن جي مڪمل اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي جنهن لاءِ اتي مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وزير اعليٰ سنڌ پنهنجي هيليڪاپٽر موڪليو جنهن ذريعي سکر ۾ موجود تفتان مان آيل مسافرن جي خون جي نمونا ڪراچي ۾ منتقل ڪيا ويندا. هن چيو ته جنهن به شخص کي ڪرونا وائرس جي علامت موجود هوندي ان جو علاج ڪيو ويندو، ۽ ٻين ماڻهن کي ڪجهه وقت اتي رکي ڪري گهر موڪليندا سين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته تفتان جي سرحد تي خاطر خواهه انتظام نه آهن ۽ ماڻهن کي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي لهٰذا وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کي خط لکي درخواست ڪندو ته تفتان کان ايندڙ ماڻهن جن جو سنڌ صوبي سان تعلق هجي انهن کي اچڻ ڏنو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ مختلف جڳهن تي ڪيل انتظامن تحت انهن ماڻهن جو معائنو ڪندي ۽ انهن کي اتان 14 ڏينهن تائين رکي تسلي ڪرڻ کانپوءِ گهر وڃڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته جيڪي هدايتون اسڪول، ڪاليجن، يونيورسٽي متعلق جاري ڪيون ويون آهن. اهي ئي هدايتون مدرسن جي شاگردن لاءِ پڻ آهن. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته هوائي اڏن تي فول پروف سيڪيورٽي انتظامن جي ذميواري وفاقي حڪومت جي آهي.سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سيد مراد علي شاهه روزاني جي بنيادن ڪرونا وائرس متعلق جوڙيل ٽاسڪ فورس جي ميٽنگ جي صدارت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي صوبن جي وڏي وزيرن سان جيڪا ميٽنگ ڪالهه گهرائي هئي اها اڳ ۾ گهرائڻ گهرجي ها.هن چيو ته ڪرونا وائرس بابت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي به صحت جون هدايتون سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيون ويون آهن انهن تي وڌ کان وڌ عمل يا واپس وٺڻ جو دارومدار صورتحال تي منحصر آهي. صوبائي وزير چيو ته صرف اهي ماڻهو جيڪي سخت بخار ۾ آهن يا نمونيا جو شڪار آهن پنهنجو معائنو ڪرائن. هن چيو ته ڇاڪاڻ جو هي ٽيسٽ ڪرائڻ مهانگي آهي پر ان جي باوجود ان جو خرچ سنڌ حڪومت ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته 4 اپريل تي ٿيندڙ عوامي اجتماع جي حوالي سان فيصلو پيپلز پارٽي جي مرڪزي مجلس عامله ڪندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ عوامي جلسي کي نئين پيدا ٿيل صورتحال سبب منسوخ ڪيو ويو هو. سيد ناصر حسين شاهه واضح چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي صرف اهو ئي ڪندي جيڪو عوام جي مفاد ۾ هوندو. صوبائي وزير اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي سموري صورتحال معمول تي اچي ويندي ڇو ته پاڪستان ۾ هاڻي تائين جيترا به ڪرونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيا اهي تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. سيد ناصر حسين شاهه هڪ دفعو ٻيهر چيو ته جيڪو به تحقيقاتي ليبارٽري يا محقق اهڙو ٽوڙ ڪڍندو جيڪو ڪرونا وائرس جي اثر کي فوري طور تي ختم ڪري ته ان تحقيقاتي ليبارٽري يا محقق کي نه صرف انعام ڏنو ويندو پر سنڌ حڪومت ان جي تحقيق تي ٿيندڙ سموري خرچ جي ادائيگي پڻ ڪندي.

هينڊ آئوٽ نمبر 313


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019