IMG-LOGO


سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪندڙن کي هر ممڪن مالي امداد فراهم ڪندي: سيد ناصر حسين شاهه

ڪرونا وائرس کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو اهو وڏو قدم آهي: اطلاعات وارو وزير

ڪراچي( 13 مارچ 2020)؛ سنڌ حڪومت جي اطلاعات، مڪاني ادارن، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ، مذهبي معاملن، ٻيلن ۽ جھنگلي حيات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ڪرونا وائرس جي حوالي سان اهم اعلان ڪيو آهي ۽ ريسرچ ليبارٽريز ۽ ريسرچ اسٽوڊنٽ کي ڪرونا جهڙي وبا جي سلسلي ۾ عوام الناس سان ويڪسين جي تياري ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. صوبائي وزير چيو ته ويڪسين جي تياري ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪرڻ وارن کي هر ممڪن مالي امداد فراهم ڪئي ويندي ۽ انهن کي انعام پڻ ڏنو ويندو سنڌ جي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پاران ريسرچ ليبارٽريز ۽ ريسرچ اسٽوڊنٽ کي مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي ۽ سمورا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ڀرپور اپاءُ وٺي رهي آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرونا وائرس جي شڪار مريضن کي انتهائي نگهداشت جي وارڊ ۾ رکيو وڃي ته جيئن هو جلد صحتياب ٿي سگهن. ان سلسلي ۾ جيڪا سڀ کان پهريان مريض جي شناخت ٿي هئي اهو مريض صحتياب ٿي ڪري گهر وڃي چڪو آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪرونا وائرس تي ڪڙي نظر رکيل آهي انشاالله ان تي جلد ڪنٽرول ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ڪرونا وائرس تي سنڌ صوبي جي هر اسپتال ۾ آئسوليشن وارڊ قائم آهي ۽ ان اسپتالن ۾ ٻيون سهولتون به مهيا ڪيون ويون آهن ان ڏس ۾ روزاني جي بنياد تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪرونا وائرس بابت ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي ۽ عوام کي آگاهي به فراهم ڪئي پئي وڃي سنڌ حڪومت عوام سان ڏينهن رات گڏ بيٺي آهي عوام کي ايترو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي صرف عوام الناس کي گذارش آهي ته هو حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪن ته جيئن نه صرف ان مرض کان بچي سگهجي بلڪي ٻين ماڻهن کي به ان مرض کان بچائي سگهجي.

هينڊ آئوٽ نمبر 307 (***)


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019