IMG-LOGO


 

ڪراچي( 13 مارچ 2020)؛ سنڌ جي تعليم ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت سمورن کاتن تعليم کاتي سميت اهڙا ملازم جيڪي ڪانٽريڪٽ يا ڪنهن ٻئي سبب جي مقرر ٿيا آهن انهن کي مستقل ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺي رهي آهي. ملازمن کي مستقل ڪرڻ جي حوالي سان عدالت سڳوري جي سمورن فيصلن تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڪري ئي وزير اعليٰ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن جي هڪ ڪميٽي ريگوليشن آف ايمپلائيز بڻائي آهي ۽ اها ڪميٽي سمورن کاتي جي ملازمن جي فهرست جوڙي ڪري انهن کي ميرٽ جي بنياد تي پنهنجي رپورٽ وزير اعليٰ سنڌ ۽ ڪابينا جي سامهون پيش ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي واري ريگوليشن آف ايمپلائيز ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن صوبائي وزير سيد سردار احمد شاھ، سيڪريٽري تعليم سنڌ سيد خالد حيدر شاھ ۽ تعليم کاتي جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪميٽي 3 ميمبرن تي مشتمل آهي جنهن جو چيئرمين تعليم ۽ محنت وارو صوبائي وزير جڏهن ته ميمبرن ۾ صوبائي وزير سيد سردار احمد شاھ ۽ وزير اعليٰ سنڌ جو قانون بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب آهن. ڪميٽي جمعي واري ڏينهن اجلاس ۾ تعليم کاتي سنڌ يونيورسٽي ۽ اقراءَ يونيورسٽي جا ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جا ڪيس جيڪي ريگولرائيز ڪرڻا آهن انهن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سيڪريٽري تعليم انهن استادن جي حوالي سان ڪميٽي کي مڪمل بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته انهن ٻنهي يونيورسٽين جي ذريعي ٽيسٽ پاس ڪيا ۽ ان کان پوءِ انهن کي نوڪري ڏني وئي. ان موقعي تي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته اسان ڪنهن به استاد سان ڪا به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ انهن سمورن استادن کي انهن جو حق ڏنو ويندو. جنهن جا اهي حقدار آهن. هن هدايت ڏني ته سيڪريٽري تعليم ان سلسلي ۾ تعليم کاتي سان گڏوگڏ سمورن کاتن جي سيڪريٽريز سان رابطا ڪري ۽ انهن جي کاتن ۾ جيڪي به ڪيسز آهن انهن جي مڪمل تفصيلي رپورٽ بڻائي انهن سمورن ملازمن ۾ ڪيٽگري جي تحت فهرست کي جوڙيو وڃي. ان موقعي تي سيد سردار شاھ چيو ته پيپلز پارٽي جو منشور روزگار ڏيڻ آهي بند ڪرڻ ناهي. سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري سنڌ ڪابينا ان حوالي سان پنهنجي اجلاس ۾ اهڙن ملازمن جي حوالي سان تفصلي بحث ڪيو آهي ۽ ان کان پوءِ وزير اعليٰ سنڌ ڄاڻايل ڪميٽي بڻائي اسان کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اسان صوبي ۾ تعليم سميت سمورن کاتن ۾ اهڙن ملازمن جن کي ماضي ۾ ايڊهاڪ، ڪانٽريڪٽ يا ٻئي ڏس ۾ نوڪري ڏني وئي پر اهي ڪنهن سبب اڃان تائين ريگيولر ناهين ٿيا انهن جي مڪمل رپورٽ جوڙيون. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته صوبي ۾ جتي به نئين نوڪرين جا موقعا فراهم هجن اتي اهي ملازم جيڪي اڃان تائين مستقل ناهين ٿيا اهي مستقل ڪيا وڃن.

هينڊ آئوٽ نمبر 308 (***)

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019