IMG-LOGO


ڪراچي( 13 مارچ 2020)؛ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ لاءِ مخصوص اسپتالن جي وائرل فهرست کي غلط قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو آهي ته پوري سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ 9 آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته آئسوليشن وارڊز کان علاوه هڪ اسپتال کي مڪمل طور تي قرنطينه ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ڪرونا وائرس بابت غلط معلومات جي فراهمي کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان جي درخواست جي باوجود ڪرونا وائرس بابت غلط خبرون پکيڙيندڙن جي خلاف وفاقي حڪومت ڪارروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوري صوبي ۾ قائم آئسوليشن وارڊز جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ ڪل 9 آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن هن چيو ته سول اسپتال ڪراچي، لياري جنرل اسپتال، ڊائو اوجھا ڪيمپس، لياقت ميڊيڪل اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هڪ سئو ويھ بسترن جي اسپتال کي مڪمل آئسوليشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي سئو سبترن واري هڪ ٻئي اسپتال کي به قرنطينه ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

هينڊ آئوٽ نمبر309 (***)


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019