IMG-LOGO


ڪراچي( 13 مارچ 2020)؛ سنڌ جي آبڪاري ۽ محصولات ۽ منشيات ٽوڙ کاتن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي پوري صوبي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف جاري مهم ۾ ڪراچي ايڪسائيز پوليس هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. اسسٽنٽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر خواجه وسيم پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪندي ڪورنگي نمبر 4 چڙيا گھر ويجھو، هڪ شڪي ڪار هنڊا سٽي نمبر اي جي ايل 405 جي تلاشي دوران شراب جا چار ڪارٽن هٿيڪا ڪري ورتا آهن. ڏوهاري شاهد محمود پوليس ۾ اي ايس آئي آهي ۽ سي آئي اي سنيٽر گارڊ ۾ مقرر آهي. ڏوهاري جي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، سيڪريٽري عبدالحليم شيخ ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن شعيب احمد صديقي ڪامياب ڪارروائي تي ايڪسائيز پوليس ڪراچي کي مبارڪون ڏنيون آهن. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته منشيات جي اسگلنگ ۾ملوث ڪنهن کي نه بخشيو ويندو ۽ ايڪسائيز کاتي ڪراچي جي ڪارروائي تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

هينڊ آئوٽ نمبر 310 (***)


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019