IMG-LOGO


 

  • 13 مارچ 2020)؛ وزير اعليٰ سنڌ جي خاص ماڻهن جي بحالي بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٻڌڻ کان محروم ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ٻڌڻ کان محروم استادن جو جايون تخليق ڪيون وينديون ۽ ٻڌڻ کان محروم ٻارن جي تعليم ۾ مشڪلين تي ضابطو آڻڻ لاءِ انهن استادن کي پوري صوبي جي اسپيشل اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويندو. اها ڳالھ هن خميس ڏينهن سينٽر آف ايڪسي لينس فار ڊيف ڪورنگي ڪراچي جو دورو ڪندي ڪئي. ان موقعي تي محمد امين ميمڻ، پرنسپل/ انچارج فارموليشن، نصاب ۽ اشارن جي زبان جي ڪميٽي ۽ ترجمون ڪندڙ فاضله شميم ۽ ٻيا موجود هئا. ان دوري جي دوران وزير اعليٰ سنڌ جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر کي بريفنگ ڏني وئي ته ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ اشارن جي زبان جي طور تي استعمال لفظ تخليق ڪيو ويندو آهي. ان ڳالھ تي به خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي ته انهن تخليق ڪيل لفظن کي سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي نصابي ڪتابن ۾ ڪهڙي ريت شامل ڪرايو وڃي. سيد قاسم نويد قمر کي ٻڌايو ويو ته ٻڌڻ کان محروم ٻارن جي پڙهائڻ لاءِ ڪو به استاد ميسر ناهي. سيد قاسم نويد قمر کين يقين ڏياريو ته ڏسڻ کان محروم ٻارن جي تعليم لاءِ بريل استادن جيان ٻڌڻ کان محروم استادن کي به پوري صوبي جي خصوصي تعليم جي اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويندو ته جيئن ٻڌڻ کان محروم ٻارن جي تعليم جي مشڪلين کي به دور ڪيو وڃي. سيد قاسم نويد قمر يقين ڏياريو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ٻڌڻ کان محروم استادن لاءِ جايون تخليق ڪيون وينديون ۽ ان مقصد لاءِ فنڊ رکيا ويندا. هن اهو به يقين ڏياريو ته جلد از جلد ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي متفقه اشارن جي زبان جي تاليف جو ڪم پورو ڪرڻ جي لاءِ فنڊز به فراهم ڪيا ويندا ته جيئن جلد از جلد ان کي متعارف ڪرائي سگھجي. وزير اعليٰ سنڌ جي خاص ماڻهن جي بحالي بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ متفقه اشارن جي زبان جي ڪم ڪندڙ ڪميٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

هينڊ آئوٽ نمبر 311 (***)

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019