IMG-LOGO


 

  • 16 مارچ 2020): سنڌ جي تعليم ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني سومر واري ڏينهن روز سنيٽ پيٽرڪ ڪيٿيڊر چرچ ۾ ڪارڊينل جوزف ڪوٽس ۽ چرچ آف پاڪستان (ٽرنيٽي چرچ) ۾ بشپ ڊينيئل صادق سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي ۽ کين سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس جي حوالي سان ورتل اُپائن ۽ ان حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي ۽ ڊبليو ايڇ او پاران ايڊوائزري جي حوالي سان آگاھ ڪيو. صوبائي وزير ٻنهي مسيحي فادرز کي اپيل ڪئي ته اهي ان حوالي سان آگاهي جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻين ۽ پنهنجي پوئلڳن ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان آگاهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايڊوائزري کي اختيار ڪن. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر نويد اينٿوني ۽ فادر صادق ڊائيگو به ساڻس گڏ هو. تفصيل موجب وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي خاص هدايت تي تعليم ۽ محنت وارو صوبائي وزير سعيد غني سومر واري ڏينهن مختلف مذهبن ۽ مسلقن جي عالم سڳورن ۽ انهن جي فادرز سان ملاقات جو سلسلو جاري رکيو. صوبائي وزير سينٽ پيٽرس ڪيٿيڊر چرچ صدر ۾ ڪارڊينل جوزف ڪوٽس سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي فادر ڪارڊينيل جوزف صوبائي وزير جي آمد تي ان جو ٿورو مڃيون. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ڪرونا وائرس جي وبا جيڪري شديد بيچيني ۾ آهي هن چيو ته هن وقت صوبو سنڌ جهڙي ريت ان وبا جي بابت سنجيدگي جو اظهار ڪري رهيو آهي ۽ جهڙي قسم جا انتظام ڪيا ويا آهن اهي تعريف لائق آهن. هن چيو ته هيءَ هڪ عالمي وبا آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هن صوبائي وزير کي يقين ڏياريو ته ان سلسلي ۾ مسيحي برادري جي لاءِ وڊيو پيغام جاري ڪندو ۽ جمعي ۽ آچر ڏينهن ٿيندڙ چرچ جي عبادت جي پروگرامن تي نظرثاني ڪندو ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته مسيحي برادري گھرن ۾ اجتماعي دعا پنهنجي عيال وارن سان گڏ ڪن ۽ ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا ذريعي دعائيه تقريبن جي حوالي سان اُپاءَ ورتا ويندا. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني ڪارڊينل جوزف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته سنڌ صوبو ۽ پورو ملڪ ان وبا کان محفوظ رهي ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت سمورا اُپاءَ ورتا آهن. ان کان پوءِ صوبائي وزير سعيد غني چرچ آف پاڪستان (ٽرنيٽي چرچ) ۾ بشپ ڊينيئل صادق سان به ملاقات ڪئي ۽ کين پوري سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران ورتل اُپائن جي باري ۾ آگاھ ڪيو ۽ ان کي اپيل ڪئي ته هو ان حوالي سان مسيحي برادري ۾ ايڊوائزري پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ان موقعي تي بشپ صادق ڊينيل به صوبائي وزير کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ حڪومت پاران ورتل اُپائن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هن چيو ته سندس انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ به موڪلن جو اعلان ڪيو آهي ۽ چرچ ٻاهران به آگاهي بينرز لڳايا آهن. هن چيو ته مسيحي برادري ايندڙ جمعي تي ان سلسلي ۾ خاص دعائن جو اهتمام به ڪري رهي آهي ۽ اسان به انهن دعائيه تقريبن کي گھرن ۾ منعقد ڪرائڻ ۽ انهن دعائيه تقريبن کي سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تي نشر ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندو. ان موقعي تي هن وڊيو پيغام جي ذريعي مسيحي برادري کي سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايڊوائزري ۽ ڪرونا وائرس کان بچاءَ جي حوالي سان بيان جاري ڪيو.

 

 

هينڊ آئوٽ نمبر 316 ****

 

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019