IMG-LOGO


 

ڪرونا وائرس، سنڌ حڪومت ڳري رقم ماليت جا صابڻ خريد ڪري عوام ۾ تقسيم ڪندي: سيد ناصر حسين شاهه

 

ڪراچي( 17 مارچ 2020) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، مذهبي معاملن، جنگلات ۽ جنگلي جيوت کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي آهي ته ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت پاران هڪ ٻيو وڏو اپاءُ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت ڳري ماليت رپئي جا صابڻ خريد ڪري عوام ۾ ورهايا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي بلديات کاتي کي ڪروڙين ماليت جا صابڻ خريد ڪري عوام ۾ تقسيم ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن ته جيئن ڪرونا وائرس کان بچاءُ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. سنڌ جي بلديات کاتي پاران 10 لک کان وڌيڪ صابڻ خريد ڪري عوام ۾ مفت تقسيم ڪيا ويندا پهرين مرحلي ۾ يونين ڪونسلز هڪ لک ماليت جا صابڻ خريد ڪندي ۽ ان جي ڀرپور پبليسٽي ڪئي ويندي ته جيئن عوام کي آگاهي ڪئي وڃي. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 1175 يونين ڪونسلز ۽ 351 يونين ڪميٽيون آهن ٻئي مرحلي ۾ انهن کي صابڻ خريد ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي صوبائي وزير چيو ته بلديات کاتي پاران جلد صابڻ عوام ۾ تقسيم ڪيا ويندا ته جيئن ڪرونا وائرس کان بچاءُ ۾ مدد ملي سگهي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عوام پريشان نه ٿئي سنڌ حڪومت مڪمل تيار آهي ۽ صورتحال اسان جي ڪنٽرول ۾ آهي سنڌ جو وزيراعليٰ پاڻ ذاتي طور هر لمحي جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن سموري ڪابينا ۽ لاڳاپيل اڳواڻن کي واضح هدايتيون ڏئي رکيون آهن ته هو پنهنجن علائقن ۾ وڃي حالتن جو جائزو وٺن هن چيو ته وائرس کان بچاءُ جو واحد حل اهو آهي ته هدايتن تي عمل ڪيو وڃي ۽ احتياتي تدبيرون استعمال ڪيون وڃن انشاالله عوام جي تعاون سان اسان جو ملڪ ۽ صوبو هن وبا کان جلد نجات حاصل ڪندو سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ کنيل سنجيده اپائن کي عوام ساراهيو آهي سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس کان بچاءُ جا هر ممڪن اپاءُ وٺي رهي آهي.

 

هينڊ آئوٽ نمبر 318 ****


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019