IMG-LOGO


ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت وزيراعظم جو قوم سان خطاب کي مايوسي ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو وزيراعظم جو قوم سان خطاب واري بيان تي ردعمل ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان جي تقريرعوام کي انتهائي مايوس ڪيو آهي، عمران خان پاران خطاب ۾ سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن جو ذڪر نه ڪرڻ نه صرف صوبائي حڪومت سان بلڪي سنڌ جي شهرين سان به زيادتي جي مترادف آهي.وزيراعظم کي پنهنجو پاڻ کي خطاب سمجهه ۾ نه آيو ته پوءِ قوم کي ڪٿان سمجهه ۾ ايندو. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جو خطاب کهودا پهاڙنڪلا چوها وارو معاملو آهي،جيڪڏهن وزيراعظم کي صرف اهو ئي ڪجهه چوڻو هو ته پوءِ قوم جو وقت ضايع ڇو ڪيو ويو، هن آزمائش جي گهڙي ۾ عوام کي حوصلي ۽ عملي قدمن جي ضرورت هئي،وزيراعظم ڪنهن وڏي قدم جو اعلان ڪيو ۽ نه ئي وري ڪنهن حڪمت عملي جو،عمران خان جي تقرير قوم کي انتهائي مايوس ڪيو آهي،خان صاحب اوهان بني گالا ۾ لڪندا رهو ۽ اتان ٽوئيٽ ڪندا رهو. هن چيو ته وزيراعظم جو مقصد ڪورونا کي روڪڻ هجي ها ته سنڌ حڪومت جو نالو ضرور کڻي ها،سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن جي پوري دنيا ساراهه ڪري رهي آهي،پر سليڪٽيڊ کي سنڌ جو نالو وٺڻ تي ڄڻ نانگ ڏنگي ويو هجي،سموري تقرير مايوسي ۽ بدنيتي تي ٻڌل هئي،وفاقي حڪومت تفتان ۾ ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول ڪري ها ته سڄي ملڪ ۾ نه پهيلجي ها.اسماعيل راهو عمران خان کان سوال ڪندي چيو ته جڏهن اوهان کي خبر هئي ته وائرس ملڪ ۾ به ڦهلبو ته پوء اوهان جي حڪومت پهريان انتظام ڇونه ڪيا؟،تفتان ۾ هن وقت به ماڻهن کي سهولتون نه پيون ملن،وزيراعظم جا قوم تي احسان جنهن قوم کي ٻڌائي ڇڏيو ڪنهن سان هٿ ملائڻو ناهي ۽ هٿ صابڻ سان ڌوئڻا آهن ۽ بس گهبرائڻو ناهي.

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019