IMG-LOGO


ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت جي فيصلي کي قبول ڪرڻ تي شهرين جو شڪريو ادا ڪريون ٿا : بئريسٽر مرتضٰي وهاب

سنڌ ۾ 844 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سماجي شخصيتن ۽ ڀلائي جي ادارن ڪرونا وائرس ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي: پريس ڪانفرنس سان خطاب

ڪراچي( 18 مارچ 2020) سنڌ حڪومت جي ترجمان، قانون ۽ ماحوليات واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي متاثرن لاءِ 3 ارب رپئي جو ڪرونا وائرس فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي صرف 200 ڪرونا ڪٽس ڏنيون آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت پاڻ ڪرونا ٽيسٽ ڪٽس امپورٽ ڪيون آهن جنهن جي مدد سان 10 هزار ماڻهن جي ٽيسٽ ڪري سگهجي ٿي هن چيو ته هاڻي تائين سنڌ ۾ 844 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن ۾ آغا خان اسپتال ۾ 506 انڊس اسپتال ۾ 277 ۽ ڊائو اوجها ۾ 67 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن هن وفاقي حڪومت کي گذارش ڪندي چيو ته سياست ڪرڻ لاءِ زندگي پئي آهي بدقسمتي سان وفاقي سرڪار مثبت رد عمل جو اظهار نه ڪري رهي آهي ۽ هاڻي تائين وفاقي حڪومت ڪرونا وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنجيده اپاءُ ناهن ورتا هن چيو ته جيڪي ماڻهو حڪومت جو ساٿ نٿا ڏئي سگهن اهي نفرت نه وڌائن ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه سياستدان ان موقعي تي اهو ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو سراسر نا مناسب آهي. اگر اهڙن تڪليفن واري صورتحال ۾ وفاقي حڪومت خوف کان ٻاهر نڪري ڪم ڪري ها ته زميني حقائق اهڙا نه هجن ها هن چيو ته معروف سماجي شخصيتون مخير حضرات ۽ ڀلائي جي ادارن ڪرونا وائرس کي ڪنٽرل ڪرڻ لاءِ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي حڪومت پاران انهن سمورن ادارن جو شڪريو ادا ڪريون ٿا اهڙين حالتن ۾ مدد ڪرڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته عوام پنهنجو پاڻ 14 ڏينهن لاءِ قرنطينه ۾ هليا وڃن اگر سڀ ماڻهو قرنطينه ٿي وڃن ته حڪومت ۽ شهرين جي مدد ڪري سگهندا هن چيو ته سرڪار اسپتالن ۾ غير ضروري اچڻ وڃڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ڇو ته اها ٻن ڏينهن جي نه پر ڊگهي مدت آهي ۽ جيڪي ڪم ترت نوعيت جا ناهن انهن کي ختم ڪيو پيو وڃي هن چيو ته حڪومت جي قائم ڪيل فنڊن ۾ سمورن اسيمبلي ميمبرن پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير به شامل آهي ۽ هن فنڊ جي استعمال لاءِ ٽي معرف سماجي شخصيتن کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو آهي ۽ فنڊ جي شفافيت لاءِ آڊٽ به ڪرايو ويندو صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي فيصلي کي قبول ڪرڻ تي شهرين جو شڪريو ادا ڪريون ٿا هوٽل بند رکڻ جي پيغام تي 100 سيڪڙو عمل نه ڪيو پيو وڃي منهنجي شهرين کي درخواست آهي ته هو سرڪار جي مدد ڪن اگر حڪمن تي عمل نه ڪيو ويو ته ڪمشنر جي ذريعي سخت اپاءُ وٺنداسين هن چيو ته تجارتي سرگرمين تي پاپندي جو عمل ميڊيڪل اسٽور ۽ کائڻ پيئڻ وارن دڪانن تي نه هوندو سنڌ حڪومت جا فيصلا نيڪ نيتي سان ڪيا پيا وڃن اسان ڪجهه غلط به ڪري رهيا هجون پر ڪري ته رهيا آهيون ۽ نيڪ نيتي ۽ جذبي سان ڪري رهيا آهيون ڪجهه ماڻهن جو ڪم ئي بنا سبب تنقيد ڪرڻ آهي.

هينڊ آئوٽ نمبر 320 ****


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019