IMG-LOGO


ڪراچي( 18 مارچ 2020) سنڌ جي اطلاعات، مڪاني ادارن، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ، مذهبي معاملن ۽ ٻيلن ۽ جھنگلي حيات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ريبيز جا اشتهار هائي ڪورٽ جي هدايت تي ڏنا ويا هئا ۽ هائي ڪورٽ آواره ڪتن بابت شڪايتي سيل قائم ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته چند موقعي پرست ان معاملي تي سياست نه ڪن اسان عوام جا سمورا مسئلا گڏ ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪرونا هجي يا آوره ڪتن جو معاملو سمورن مسئلن تي نظر آهي. آواره ڪتن جي حوالي سان شڪايتي سيل جا سمورا نمبر ڪم ڪري رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته عوام 1093 تي آواره ڪتن جي شڪايت درج ڪرائي سگھي ٿو. پر ڪجھ ماڻهو اهڙن حالتن ۾ به سياست کان پاسو نٿا ڪن.

هينڊ آئوٽ نمبر 321 ****


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019