IMG-LOGO


 

. ڪراچي 02 نومبر 2019

  • سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان تي اڪثرتنقيد ڪئي ويندي آهي ته اسان تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو آهي پر اسان جي سٺن ڪمن کي به نظرانداز ڪيو ويندو آهي. سعيد غني چيو ته تعيلم ۽ صحت ۾ سنڌ حڪومت گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي انقلابي ڪم ڪيا آهن شايد ميڊيا ۾ ان کي ايترو سٺو ريسپانس نه مليو جيترو اهي اسان تي تنقيد ڪرڻ ۾ ڪندا آهن. سنڌ مرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ گذريل 10 کان 11 سالن تائين ايتري وڏي پيماني تي تبديليون آيون آهن جو اڄ اها ملڪ جي بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ڪاليجز ۾ داخلا ڪيپ ذريعي ٿيندي آهي. ان لاءِ شاگرد پنهنجي پسند جي ڪاليج لاءِ اپلاءِ ڪندا آهن. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آزادي مارچ جا مظاهرين پرامن آهن. هنن ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي جيڪا قانون جي دائري ۾ نه هجي. عمران خان ٽيڪس نه ڏيندڙن ، پئسا هونڊي جي ذريعي موڪلڻ ، گئس ۽ بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ ۽ سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي هئي. ڪجهه وفاقي وزير ۽ صلاحڪار انهن مظاهرين کي مشتعل ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا بيان ڏئي رهيا آهن ته جيئن اهي مشتعل ٿين. هن چيو ته فاطمه ڀٽو لاءِ عزت آهي، لاڙڪاڻو هن جو گهر آهي ۽ سياست پڻ هن جو حق آهي. هن چيو ته پراپرٽي ۾ هوءَ ضرور شهيد ڀٽو جي وارث آهي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي وارث بلاول ڀٽو آهي. هن چيو ته جناح اسپتال ۾ به ويڪسين گهٽجي سگهجي ٿي پر ايئن نه آهي ته ڪتي جي ڪٽڻ جي ويڪسين نه هجي. اهڙن خيالن جواظهار هن ڇنڇر ڏينهن ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڪنونشن ۾ خطاب ۽ ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چانسلر سنڌ مدرسته الاسلام ، وائيس چانسلر پروفيسر محمد علي شيخ ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا. تقريب سان خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته مان يونيورسٽي جي سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جن پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي آهي ۽ خاص طور تي انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جن پوزيشن ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا آهن. سعيد غني چيو ته ڪنهن به سٺي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، پر سنڌ مدرسته الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ان کان وڌيڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، ڇو ته هن اداري مان پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح پڻ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هتان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ذڪر ڪندا اتي اوهان لاءِ اها فخر جي ڳالهه هوندي ته انهن هن ئي درسگاهه مان تعليم حاصل ڪئي آهي جتان اسانجي قائد تعليم حاصل ڪئي آهي. سعيد غني چيو ته مان وائيس چانسلر محمد علي شيخ کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته هن جڏهن ان منصب کي سنڀاليوآهي تڏهن هن اداري جي بهتريءَ لاءِ ڪافي ڪاوشون ڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت هن ڪاليج کي يونيورستي جو درجو ڏنو آهي. سعيد غني چيو ته اسان تي اڪثر تنقيد ڪئي ويندي آهي ته اسان تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، پر اسانجي سٺن ڪمن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. سعيد غني چيو ته تعليم ۽ صحت ۾ سنڌ حڪومت پاران گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي انقلابي ڪم ڪيا آهن، شايد ميڊيا ۾ ان کي ايترو سٺو ريسپانس نه مليو جيترو اهي اسان تي تنقيد ڪرڻ ۾ ڪندا آهن. سعيد غني چيو ته سنڌ مرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ گذريل 10 کان 11 سالن تائين ايتري وڏي پيماني تي تبديليون آيون آهن جو اڄ اها ملڪ جي بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته اسان جي دعا آهي ته هن ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن جيڪي وڏي عرصي کان ڪنهن نه ڪنهن سبب تنزلي جو شڪار رهيا آهن، اهي ترقي ڪن ۽ هن ملڪ ۾ تعليم جو نظام وڌيڪ بهتر ٿئي. هن چيو ته اسان ان ڳالهه چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته جنهن ملڪ ۾ تعليم جو نظام بهتر هوندو اهو ملڪ ترقي ڪندو ۽ اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته هن ملڪ خاص ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن کي وڌيڪ بهتر بڻايون ۽ ان لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجن سمورن وسيلن ڪتب آئي رهي آهي. ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ مرسته الاسلام تاريخي درسگاهه آهي ۽ اڄ هن ڪنونشن ۾ شرڪت منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته شاگردن جا نتيجا بورڊز ڏيندا آهن ۽ ان بعد ڪاليج ۾ داخلا ڪيپ جي ذريعي ٿيندي آهي. جنهن ۾ شاگرد پنهنجي پسند جي ڪاليج لاءِ اپلاءِ ڪندا آهن. سعيد غني چيو ته ڪاليج جي نالي سان ڪو به فرق نه پوندو آهي. هن چيو ته ڀٽو خاندان جي نالي تي تعليمي ادارن کي الڳ سان نه پرکڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آزادي مارچ جا مظاهرين پرامن آهن ، هنن ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي جيڪا قانون جي دائري ۾ نه هجي ۽ مونکي اميد آهي ته اهي اهڙي ريت پرامن رهندا. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته عمران خان جيڪي ڳالهيون ڪندو آهي انجي مخالفت ۾ هن جا پراڻا بيان تلاش ڪيا وڃن. سعيد غني چيو ته عمران خان پنهنجي ڌرڻي ۾ وزيراعظم هائوس ۽ ايوان صدر وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. ان ئي عمران نيازي ٽيڪس نه ڏيڻ ، پئسا هونڊي جي ذريعي موڪلڻ ، گئس ۽ بجلي جي بلن ادا نه ڪرڻ ۽ سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي هئي. سعيد غني چيو ته اڄ به ڪجهه وفاقي وزير ۽ صلاحڪار انهن مظاهرين کي مشتعل ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا بيان ڏئي رهيا آهن ته اهي مشتعل ٿين. فاطمه ڀٽو جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته فاطمه ڀٽو لاءِ عزت آهي ، لاڙڪاڻو هن جو گهر آهي ۽ سياست پڻ هن جو حق آهي. هن چيو ته پراپرٽي ۾ هوءَ ضرور شهيد ڀٽو جي وارث آهي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي وارث بلاول ڀٽو آهي. هن چيو ته شهيد مرتضيٰ ڀٽو پڻ سياست ڪئي ان وقت به اسان نظرياتي هن سان گڏ نه هئا سين. هن چيو ته جيڪڏهن فاطمه به سياست ڪري ٿي ته اهو هن جو حق آهي. اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ويڪسين جي گهٽتائي جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته صوبي ۾ جيڪي اسپتالون آهن، سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته عباسي شهيد اسپتال ۾ جيڪڏهن ڪا گهٽتائي آهي ته ٻڌائي وڃي اسين ڏسنداسين. جيتوڻيڪ جيڪي اسپتالون جن جن جي انتظام هيٺ آهن انهن جي به اها ذميواري ته اهي دوائون ، ويڪسين ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کڻن ۽ جيڪڏهن ڪٿي به ڪا گهٽتائي آهي ته ان لاءِ سنڌ حڪومت کي ٻڌايو وڃي، اسان هميشه انهن اسپتالن کي دوائون ۽ فنڊز فراهم ڪيا آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته جناح اسپتال ۾ به ويڪسين گهٽجي سگهي ٿي پر اهو نه آهي ڪتي جي چڪ ويڪسين نه هجي. هن چيو ته ڪيترائي دفعا چئي چڪو آهيان ته ويڪسين جي کوٽ پوري ملڪ ۾ آهي جنهن جو سبب چائنه ۽ ڀارت مان ويڪسين گهرائي ويندي هئي جيڪا هاڻي نه اچي رهيون آهن ۽ مارڪيٽن مان وٺڻ باوجود ويڪسين جي کوٽ آهي.


هينڊآئوٽ 906


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019