هيٽ اسٽروڪ سان 15 ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري خبر تي سختي سان ترديد

صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب آچر ڏهاڙي پنهنجي بيان ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي  سيوهڻ شريف ۾ هيٽ اسٽروڪ سان 15 ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري خبر تي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي  سيوهڻ شريف ۾ هيٽ اسٽروڪ جي ڪري 15 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي خبر ۾ ڪا صداقت نه آهي۔ بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هي خبر محض افواهه آهي.